عبدالعزيز ٿريچاڻوي

عبدالعزيز ٿريچاڻوي: مولانا عبدالعزيز ولد محمد حيات قريشي ڳوٺ ٿريچاڻي تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو. هو وڏو عالم، محقق ۽ ناميارو صحافي ٿي گذريو آهي. هن شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان ورتي، بعد ۾ پنهواري جي هڪ مدرسي ۾ کيس داخل ڪرايو ويو، جتي مولانا عبدالقادر انڍڙ وٽ پڙهيو. جنهن جي صحبت ۾ سندس طبيعت جو لاڙو طريقت طرف ٿيو. ان کان پوءِ مولانا تاج محمود امروٽيءَ وٽ پڙهڻ لاءِ ويو ۽ درگاهه امروٽ ۾ خادم ٿي رهيو. ان دوران مولانا عبيدالله سنڌي امروٽ شريف ۾ هڪ ديني مدرسو ۽ اسلامي اشاعت گهر کوليو. مولانا عبدالعزيز ان مدرسي ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ وٽ شاهه ولي الله جو فلسفو پڙهيو ۽ اشاعت گهر ۾ به خاص دلچسپي ورتي. قرآن شريف جو سنڌي ترجمو، جيڪو مولانا امروٽي ڪيو هو، ان ۾ به هُن گهڻو حصو ورتو. مولانا عبدالعزيز پنهنجي مرشد مولانا امروٽيءَ سان انتهائي عقيدت ۽ محبت رکندو هو. مولانا عبدالعزيز خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، ان دوران انگريزن خلاف تقريرون ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس جيل به وڃڻو پيو. مولانا امروٽيءَ جي وفات بعد واپس ٿريچاڻي آيو ۽ اشاعت اسلام ۽ تصوف جي تعليم شروع ڪيائين. پاڻ مختلف سياسي ۽ ديني جماعتن ۾ به رهيو. کيس صحافت سان لڳاءُ هو. سکر مان ‘الحقاخبار جاري ڪيائين. قاديانين تي ‘صحيفه قادريه ’ ڪتاب لکيائين. هو قادري سلسلي سان تعلق رکندو هو. هن 6 آگسٽ 1950ع تي وفات ڪئي.


لفظ عبدالعزيز ٿريچاڻويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو